صهيب رضه بن سنان

صهيب رضه بن سنان: رسول اڪرمصه جن جي نامور اصحابي سڳوري صهيب رضه روميءَ جي ڪنيت ابو يحييٰ، هن جي والد جو نالو سنان ۽ والده جو نالو سهي بنت مقيد هو. هو الجزيره جو رهاڪو هو. سندس والد ۽ چاچو ايران جي بادشاهه ڪسريٰ جي طرفان ابله جا حاڪم هئا. ابله تي جڏهن رومي فوج ڪاهه ڪئي ته صهيبرضه کي قيد ڪري پاڻ سان وٺي ويا. صهيبرضه ان وقت ننڍڙو هو، جڏهن وڏو ٿيو ته کيس وڪيو ويو ۽ بنو ڪلب قبيلي وارا هن کي خريد ڪري مڪي وٺي آيا. جڏهن صهيبرضه پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن سان ملڻ آيو ته ان وقت اسلام جي تبليغ نهايت خاموشيءَ سان ٿي رهي هئي ۽ گهڻي ڀاڱي ماڻهو ڳجهيءَ طرح اسلام قبول ڪري رهيا هئا. صهيبرضه جي ڀاڳ واري قلب ۾ روشني موجود هئي، جنهن هن کي هدايت جي واٽ ڏيکاري ۽ هو جلد ئي پاڻ ڪريمن صلي الله عليه وسلم جن جي حضور ۾ حاضر ٿي مسلمان ٿي ويو. پاڻ انهيءَ جماعت ۾ شامل آهي، جيڪا اسلام جي اشاعت جي پهرين ٽن سالن ۾ ڳجهيءَ ريت مسلمانن جي منظم تنظيم ڪوٺي وڃي ٿي. پاڻ روميين مان سڀني کان پهريون مسلمان آهي ۽ مهاجرن مان آخري مهاجر آهي، جيڪو مڪي کان مديني شريف هجرت ڪري آيو. حضرت صهيبرضه ماهر تير انداز هو، جنهنڪري سڀني غزون (جنگين) ۾ شريڪ ٿي، پنهنجي مهارت جا جوهر ڏيکاريا. پاڻ حضرت عمر فاروق رضي الله عنها جن جي وصيت موجب سندن وصال کان پوءِ ٽن ڏينهن تائين مسلمانن جو خليفو رهيو، جيستائين مجلس شوريٰ نئين خليفي جي چونڊ نه ڪئي، حضرت صهيبرضه مهمان نوازي، سخاوت، حاضر جوابي، خوش طبعي ۽ لطيفي ٻڌائڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو ۽ معزز اصحابن ۾ ڳڻيو ويندو هو. 72 سالن جي ڄمار ۾ 38 هجريءَ ۾ وفات ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو